قمبر/پکو (نمائندن وٽان) قمبر باءِ پاس تي راڄ واھ ڀرسان ڳوٺ جمع خان مغيري ۾ سڱاوتي معاملي تان پيرسن علي محمد مغيري کي سندس ئي برادري جي ماڻھن تشدد بعد اڌ اگهاڙو ڪري ڳچي ۾ زنجير سان تئو ٻڌي، منهن ۽ مٿي تي ڪاري ڊيزل هاري تذليل ڪئي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلڻ بعد ايس ايس پي قمبر واقعي جو نوٽيس وٺندي تشدد جو نشانو بڻيل پيرسن علي محمد مغيري جي فرياد تي قمبر ٿاڻي تي 7 جوابدارن سونو، عبدالستار، نثار، امير،گلزار، وهاب ۽  عباس مغيري مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.فريادي ڄاڻايو ته منهنجي ڌيءُ بينظير کي سندس مڙس نثار مغيري زهر پياري قتل ڪيو هو، اهڙو ڪيس پنهنجي ناٺي نثار سميت ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائيندا هئا.هن چيو ته جوابدارن 10 مارچ تي گهر تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻائي تذليل ڪئي،ٻئي طرف پوليس هڪ جوابدار سونو مغيري کي گرفتار ڪري ورتو.ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر ڌر ۽ جوابدار پاڻ ۾ ويجها عزيز آھن، پيرسن تي تشدد ۽ تذليل وارو واقعو هفتو اڳ ٿيو هو، پيرسن اهڙي واقعي جي اين سي به داخل ڪرائي هئي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي.وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿيڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي.