ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ملير ضلعي  جي اسپتال ايم سي ايچ  ليبر اسڪوائر لانڍي جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ جي طبيعت ۾ سڌارو اچڻ لڳو، 50 کان وڌيڪ گوريون کائي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر کي اڄ آءِ سي يو مان وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پنھنجي اخبار ۾ خبر لڳڻ کانپوءِ پوسٽنگ لاءِ 5 لک گهرندڙ صحت کاتي جي آفيسرن ۾ به ٿرٿلو مچي ويو، ملير جو ڊي ايچ او ڊاڪٽر مقبول ميمڻ ۽ صحت کاتي جو سيڪشن آفيسر آغا الطاف ڊائو اسپتال پهچي ويا، ڊاڪٽر عبدالعزيز جي پٽ دانش موجب ٻئي آفيسر معافي لاءِ ايلاز ڪندا رهيا، مون انهن کي چيو ته بابا جي طبيعت صحيح ناهي، في الحال انهي مسئلي تي نٿا ڳالهايون، واضح رهي ته 19ھين گريڊ جو ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍڙ برساتن دوران گھر ٻڏڻ سبب  6 آڪٽوبر تي 4 مھينن جي موڪل تي ويو هو، کانئس ٻيھر جوائنگ لاءِ 5 لک رشوت طلب ڪئي وئي هئي، جنهن سبب هن دل برداشته ٿي انتهائي قدم کنيو. اڳوڻي ايم ايس انتھائي قدم کڻڻ کان چٺي به لکي، ٽائيم نيوز اها چٺي ھٿ ڪري ورتي. چٺي جي متن موجب آئون لاڙڪاڻي اسپتال ۾ ڏاڍو خوش هئس، منهنجي ٻچڙن جي اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي، اهي ڪراچي ۾ بيچلر رهن پيا، هوٽل جي ماني کائڻ سبب بيمار پيا ٿين ، ان ڪري سوچيم ته گريڊ 19 ۾ ترقي ٿئي ٿي ته ڪراچي ۾ پوسٽنگ ڪرايان، سيڪريٽريٽ ۾ به وڏا واڳون وات ڦاڙي ويٺل آهن، 10 لک کان گهٽ ته ڳالهه ئي ناهي، منهنجو ڀاڻج ارشاد  سوڍڙ ان وقت چيف سيڪريٽري جو پرسنل سيڪريٽري هو پر مون سان ناراض هو، ارشاد منهنجي پوسٽنگ ٽرانسفر ڪونه پيو ڪرائي، هن امڙ  جي چوڻ تي ملير ۾ آرڊر ڪرائي ڏنو ، جڏهن ليبر اسڪوائر اسپتال پهتس ته ڄڻ اسپتال نه پر گڏهن جو واڙو هجي،  مون ڊپٽي سيڪريٽري منصور وساڻ کي اهڙي شڪايت پڻ ڪئي، چٺي جي متن موجب اها اسپتال هينڊزجي ماتحت هئي،  2 سال عزت جا گذري ويا،  هينڊز وارن جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ بعد دوائن ۽ جنريٽر جا مسئلا ٿيا، خاڪروب به ويو هليو، ِ مون ڊي ايچ او مقبول ميمڻ کي مدد لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو، ڊي ايچ او کي  چيم ته  رڳو هڪ سئيپر ڏيو، جنهن تي وراڻيائين ته پاڻ وڇي ٻهارو ڏئي، آخرڪار مون پرائيويٽ سئيپر رکيو. ڊي ايچ او کي چيم ته دوائون ڏيو ، اهو آفيسر  ميڊيسن جا به پئسا ٿو وٺي، آئون ائين 6 مهينا ذليل ٿيس، پوءِ وري پي پي ايچ آءَ اچي وئي، جيڪا سڀني جي ماءُ. نڪتي، نه دوا، نه سئيپر، نه ڊيزل، نه ايمبولينس، روزانو مريض اچي مون کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏئي پيا وڃن. هڪ ڏينهن ڊي ايچ او وٽ اي سي آر کڻي ويو مانس، کيس چيومانس ته  هفتو موڪل کپي، جنهن تي ڊي ايچ او چيو ته هفتي جي موڪل جا 10 هزار ۽ اي سي آر جا 5 هزارٿيندا، جنهن تي کيس  چيومانس ته سائين! منهنجو مٿو اڇو ٿي ويو، آئون ۽ اوهان  19 گريڊ ۾ آهيون، اڄ ڏينهن تائين مون اي سي آر جا پئسا نه ٻڌا آهن، ڊي ايچ او  10 ڏينهن موڪل نه ڏني ۽ نه اي سي آر صحيح ڪئي، آئون مايوس ٿي  واپس هليو ويس. وارهه ۾ برساتن دوران گهر ٻڏڻ تي 4 مهينن جي موڪل لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ويس، اتي ويٺل صاحبن چيو ته 50 هزار في مهينو ڏئي ته موڪل ڏيون، ڏاڍيون سفارشون ڪرايون پر سيڪشن آفيسر آغا الطاف پوءِ به پئسا ورتا. 7فيبروري تي منهجي موڪل پوري ٿي وئي سيڪريٽريٽ ۾ جوائننگ ڏيڻ ويس ته اها ورندي ملي ته ڪراچي ۾ گريڊ 19 جي سيٽ خالي ناهي.صحت واري ايڊيشنل سيڪريٽري لياقت علي ڀٽي سان مليس، هن چيو ته آئون ڪوشش ڪري لاڙڪاڻي ۾ پوسٽنگ ڪرائي ٿو ڏيان، چيومانس، سائين! لاڙڪاڻي سي ايم سي اسپتال ۾ پوسٽنگ ڪريو،  ڪجهه ڏينهن کانپوءِ لياقت ڀٽي چيو ته منسٽر صاحبه چوي ٿي ته سي ايم سي لاڙڪاڻي ۾ پوسٽنگ نه ڏيوس. مون وزير جي پي اي فهيم چاچڙ کي ايم پي اي سردار برهان  چانڊيو کان فون ڪرايو، فهيم چاچڙ سان ملڻ ويس ته مليو ئي ڪونه، سندس ايجنٽ ٻاهر اچي چيو ته 5 لک ڏي ته ڪم ٿي ويندو. جنهن تي مون چيو ته 5 لک ڪٿان آڻيان؟ 6 مهينا اڳ ٻارن جي في پيارڻي هئي ته سنڌ حڪومت پگهار مان 35000 ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪاٽي ڇڏيا. 35 هزار رسڪ الائونس ڪاٽي ڇڏيائون، هاڻي ٻڌايو ته 5 لک ڪٿان ڏيان؟.