لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل _8 جي ڪواليفائر مرحلي جي اهم ميچ ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم شڪست کائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. جڏهن ته پشاور زلمي جي ٽيم پي ايس ايل اليمينٽر 2 ۾ پهچي ويو آهي. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنز ٺاهيون. بابراعظم 64، محمد حارث 34 ۽ صائم ايوب 23 رنز ٺاهي نمايان رهيا. اسلام آباد طرفان شاداب خان 2، فضل الحق فاروقي، فهيم اشرف، حسن علي ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 171 رنسون ٺاهي سگهي. اسلام آباد يونائٽيڊ طرفان صهيب مقصود 60، ايليڪس هيلس 57 رنسون ٺاهيون پر ٽيم پوءِ به هارائي وئي. ڪپتان شاداب خان 26 رنسون ٺاهي سگھيو. پشاور پاران عامر جمال ۽ سلمان ارشاد 2_2 وڪيٽون ورتيون، عضمت الله عمرزئي هڪ وڪيٽ ورتي.