ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليسنگ کي موثر بڻائڻ لاءِ مختلف آفيسرن کي ذميواريون سونپي ڇڏيون ترجمان موجب پوائنٽ مي حاضري، هيومن ريسورسز مينيجمينٽ سسٽم، اليڪٽرانڪ شيٽ ايپ ۽ بايوميٽرڪ حاضري جو نظام ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڏسندو. اهڙي ريت ڪرمنل ريڪارڊ مينيجمنٽ سسٽم، پوليس اسٽيشن ريڪارڊ مينيجمينٽ سسٽم، اليڪٽرانڪ ڪيس فائل، ڪرمنل مانيٽرنگ ڊيش بورڊ، انويسٽيگيشن ايولوشن سافٽ ويئر ۽ مسنگ پرسن پورٽل ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن ڏسندو. ايمپلائيز ويريفڪيشن سسٽم، تلاش ايپ، وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرز، پوليس رڪارڊ ويريفڪيشن سسٽم، پوليس فيسيليٽيشن سينٽرز ۽ باڊي وارين ڪيميرائن وارا معاملا ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ رينج جا ڊي آءِ جيز ڏسندا. اهڙي طرح آٽوميشن آف فارنزڪ ۽ آرمس لائسنس ويريفڪيشن سسٽم اي آءِ جي فارنزڪ ڏسندو. ترجمان موجب ڊائريڪٽر آءِ ٽي نادرا سروس، وڊيو سرويلنس سسٽم ۽ وڊيو ڪانفرنسنگ سسٽم ڏسندو. هوٽل آءِ مينيجمينٽ سسٽم ۽ آٽوميشن آف اسپيشل برانچ وارا معاملا ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ڏسندو. پوليس ترجمان موجب اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ ويلفيئر مينيجمينٽ سسٽم، اي آءِ جي ايڊمن آفيس مينيجمينٽ سسٽم، اي آءِ جي اسٽيٽ اينڊ مينيجمينٽ وري اسٽيٽ مينيجمينٽ سسٽم ڏسندو،  ليگل سسٽم کي اي آءِ جي ليگل ڏسندو.