قمبر ( رپورٽر) قمبر جي فيصل ڪالوني جي رهواسي عبدالقدوس ٻرڙو جي گهر ڀاتين هرٻي جي ڀاڄي ڪري کاڌي جنهن سبب گهر ڀاتين کي چڪر اچڻ لڳا ۽ بيهوش ٿي ويا جن کي بروقت علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب لاڙڪاڻو اسپتال موڪليو ويو، جن ۾ گهر ڌڻي عبدالقدوس ٻرڙو، فضيلا، حاڪم ۽ ٻيا شامل آھن.