ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ آڏي جو تڙ وٽ مندر لاءِ ٺهندڙ روڊ ۾ ٺيڪيدار حيدرآباد جي ڪريش استعمال ڪرڻ بدران ڪارونجهر جي ندين جي ڪريش استعمال ڪرڻ لڳو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي جواهرو ڀيل دانهيندي ٻڌايو ته ٺيڪيدار سرعام اسٽيميٽ جي ابتڙ حيدرآباد جي ڪريش استعمال ڪرڻ بدران ڪارونجهر جي ندين جي ڪريش استعمال ڪري رهيو آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته روڊ ۾ ڪارونجهر جي مٽيريل جي استعمال جو نوٽيس وٺي ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.