لاهور ۾ گذريل ڏينهن جي وڳوڙن ۽ پرتشدد واقعن جو عمران خان خلاف ڪيس داخل

0
166
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

لاهور ۾ گذريل ڏينهن جي وڳوڙن ۽ پرتشدد واقعن جو عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڊي ايس پي راءِ ونڊ جي فرياد تي  داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند ماڻهن سميت ٽي چار سئو ماڻهن تي ٻڌل جٿي وڳوڙ ڪيا

ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيوويو آهي ته جٿي ۾ شريڪ ماڻهو قومي سلامتي جي ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا، عمران خان، حسان نيازي، فرخ حبيب، فواد چوڌري، حماد اظهر ۽ ٻين جي چوڻ تي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ادارن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا

 ايف آءِ آر موجب پي ٽي آءِ جي مڇريل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڏنڊا هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ 13 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ ۾ هنن جا پنهنجا 6 ڪارڪن به زخمي ٿيا

 گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ عدليه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ريلي کان ڪجهه گهڙيون اڳ پنجاب سرڪار قلم 144 لاڳو ڪري گرفتاريون شروع ڪيون هيون، پي ٽي آءِ موجب پوليس تشدد ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا

هي به پڙهندا

مريم نواز: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي دوران ڇڪتاڻ: ڪيترائي ڪارڪن گرفتار