قمبر ( رپورٽر) قمبر جي مختلف محلن جي رھواسين ۽ پ پ شھيد ڀٽو  ڪارڪنن طرفان بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۽ ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي نواب الدين چانڊيو، عرفان گوپانگ ۽ شوڪت چانڊيو چيو ته سيپڪو عملدارن طرفان برڪت شاھ محلي، ٻرڙا ڪالوني، احمداڻي محلي، باگوديرو ۽ چانڊيا محلي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 4 ڪلاڪ بجلي ڏني وڃي ٿي. مسجدن ۾ وضو ڪرڻ لاءِ به پاڻي ناهي، ڪهر جي گرمي ۾ معصوم ٻارڙا تڙپي رهيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.