ماتلي (ن پ ا) ماتلي لڳ ڳوٺ مير محمد نظاماڻي جاڙڪي ۾ 15 ورھين جي  نوجوان شنڪر پٽ فقيرو  ڪولھي مبينا طور  ڳچي ۾ ڦاھو وجھي زندگي جو  انت آڻي ڇڏيو. فوتي جو لاش گھر اندر ٽنگيل حالت ۾ ڏسي اھڙو اطلاع ماتلي پوليس کي ڏنو ويو جنهن ايڌي رضاڪارن جي مدد سان لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال آندو جتي ڪاغذي ڪاروائي بعد وارث لاش کڻائي ويا . پوليس نوجوان جي خودڪشي بابت جانچ ڪري رھي آھي ٻئي طرف وارثن پاران خودڪشي جو ڪارڻ گھرو پريشاني ڄاڻايو آھي.