سجاول (رپورٽر) سجاول _جاتي روڊ تي ڳوٺ محمد خان پليپوٽو جي رهواسي 28 سالن جي نوجوان جو وڻ ۾ ڦاهو آيل لاش ٽنگيل مليوآهي. وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سجاول پهچايو. ان ڏس ۾ سول اسپتال سجاول ۾ موجود فوتي جي ڀائرن عيدو پليپوٽو، محمد جمن پليپوٽو ۽ محمد حسين پليپوٽو صحافين کي ٻڌايو تہ اسان جي ڀاءُ جو ذھني توازن درست نہ هو جنهن جو سندس علاج بہ هلندڙ ھو. رات هو نماز پڙهڻ لاءِ ويو  ته واپس نہ موٽيو جنهن تي اسان صبح جو سندس ڳولا شروع ڪئي تہ اسان خبر پئي تہ اسان جي ڀاءُ جو ڳوٺ ڀرسان انب جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڪنهن سان دشمني ناهي. ڀاءُ خودڪشي ڪئي آهي. ڀاءُ جي شادي ٿيل هئي هن کي هڪ پٽ جو اولاد بہ آهي.