گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪيءَ ۾ ڳوٺاڻي ظهير احمد ساوند جو احتجاج، بااثرن  مٿان 50 هزار رپيا ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام. ڳوٺ يار محمد ساوند جي رهواسي ظهير احمد ساوند احتجاج ڪندي الزام هنيو ته جوابدار اسد، ياسين، سڪندر، علي نواز کوسو ۽ ٻيا 50 هزار رپيا ڀتو طلب ڪري رهيا آهن، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ 12 جريب قبولي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل اسد کوسو ٻڌايو ته ڀتو طلب ڪرڻ ۽ زمين تي قبضي جي ڪوشش جا ا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.