قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ سبزي ۽ فروٽ جي واپارين اصغر گوپانگ، محمد جڙيل جيسر، فدا حسين کوسو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سکر ۽ حيدرآباد کان ايندڙ سبزي ۽ فروٽ جي گاڏين کي روڪي انهن مان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي.هنن چيو ته ڪيلن سان ڀريل گاڏي تي ٻوڏ متاثرن سميت شرپسندن حملو ڪيو،گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور وحيد زخمي ٿي پيو، اسان جو 2 لک رپين جو ڪيلو ضايع ٿيو ۽ ڪجهه ماڻھو کڻي ويا، سٽي ٿاڻي تي اڻسڃاتل ماڻھن خلاف اين سي به داخل ڪرائي آھي.هنن ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته ٻاهرين روڊن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري اسان کي نقصانن کان بچايو وڃي.