چمبڙ (ن پ ا) سنڌھاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاران ٻئي ڏينهن به اي سي چمبڙ جي آفيس آڏو بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  ڪميونسٽ پارٽي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ اقبال ۽ ڪامريڊ ڏامرو مل چيو ته سنڌ جي عوام کي ھٿ وٺي ٻوڙي تباھ برباد ڪيو ويو آھي، اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ٻوڏ متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.