ميروخان (ن پ ا) سيشن جج قمبر زاهد حسين ميتلو، سول جج ميروخان عبدالباسط ڪلهوڙو ۽ مختيار ڪار محمد اسلم مگسي کي ساڻ ڪري ٿاڻي ڀرسان سجاول جوڻيجو روڊ تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيشن جج متاثرن کان کاڌ خوراڪ ۽ ٻين سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته اتي ترسيل ڪجهه متاثرن سيشن جج کي ٻڌايو ته سندن هن وقت تائين ٽينٽ ۽ راشن به نه مليو آهي تنهن ڪري کين ٽينٽ ۽ راشن مهيا ڪيو وڃي جڏهن ته سول جج عبدالباسط ڪلهوڙو ۽ مختيارڪار محمد اسلم مگسي سيشن جج کي آگاهه ڪيو ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن ڏيڻ سان گڏ پاڻي جا نلڪا پڻ لڳرائي ڏنا آهن جنهن تي سيشن جج اتي موجود صحافين کي چيو ته اسان ۽ انتظاميا جي سٺن ڪمن جي ميڊيا ۾ واکاڻ به ڪيو رڳو تنقيد به سٺي ناهي. هن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ متاثرن جي واهر ٿئي پئي ۽ متاثرن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون سيشن جج زاهد حسين ميتلو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن جون ٿوريون گهڻيون شڪايتون آهن جيڪي به ختم ڪيون وينديون ۽ جيستائين متاثر خاندان پنهنجي ماڳن تي نه ٿا موٽن تيستائين ٽينٽ سٽي ۾ ترسائي سرڪار پاران موڪليل امداد ڏني ويندي.