قمبر ( اسپورٽس نيوز) قمبر ۾ سٽي ڪپ ھارڊ بال ٽي ٽوئنٽي  ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ ڪنگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب قمبر ينگ جنون ڪرڪيٽ  ڪلب قمبر کي 30 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڪنگ اسٽار ڪرڪيٽ  ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾7 وڪيٽن  جي نقصان تي 156رنز ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ ينگ جنون ڪرڪيٽ  ڪلب 17 اوورن ۾ 126 رنز ٺاهي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. ڪنگ اسٽار ڪرڪيٽ  ڪلب طرفان آصف علي 46 گلاب راءِ 25 رنز ٺاھيون ۽ بھترين بالنگ ڪندي منجنا ۽ گلاب راءِ 3-3 وڪيٽون  وٺي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.