ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان کي 79 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 261 رنز ٺاهيون، ڪين ڊيوون ڪانوي 101 رنز جي شاندار اننگ کيڏي، ڪپتان ڪين وليمسن 85 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان محمد نواز 4 ۽ نسيم شاهه 3 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. پاڪستاني ٽيم 43 اوورن ۾ 182 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڪپتان بابراعظم 79 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيو، محمد رضوان 28، آغا سلمان 25، امام الحق 6،  فخر زمان ٻڙي ۽ حارث سهيل 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.