قمبر (رپورٽر) قمبر لڳ نڪاح دوران گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو، گهوٽ جي ماءُ پيءُ سميت 7 ڄڻا زخمي، ڄڃ گهوٽ کي پرڻائڻ بنا واپس. خبر موجب لاڙڪاڻي نظر محلي واسي محمد سومر چانڊيو پنهنجي پٽ محمد حسن چانڊيو جي شادي لاءِ ڄڃ وٺي قمبر جي ڳوٺ لکٽيا پهتو ته نڪاح دوران ڪنوار جي والد معشوق لکٽيو گهوٽيتن کان رھيل 30 ھزار روپيا گهر ڪئي، جنهن تي ڌرين ۾ منھن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گهوٽ جو پيءُ محمد سومر، گهوٽ جو مامو نادر ٽوٽاڻي، گهوٽ جي ماءُ، 2 ڄاڃي عورتون روبينا ۽ خالدهه لتون ۽ مڪون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيون، صورتحال خراب ٿيڻ سبب گهوٽيتا ڪنوار وٺڻ بنا واپس هليا ويا ۽ قمبر ٿاڻي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، گهوٽ جي پيءُ ٻڌايو پٽ لاءِ دلالن معرفت اڍائي لک روپين ۾ سڱ ورتو هو، شادي جي تقريب رٿيل ھئي ڄڃ وٺي پھتاسين ته نڪاح دوران ڪنوار جي پيءُ ڦڏو ڪيو ۽ وڌيڪ 30 ھزار گهريا، جيڪي نه ڏيڻ تي ڪنواريتن اسان مٿان حملو ڪري لٺيون ڏنڊا ۽ مڪون ھڻي زخمي ڪري 3 لکن جو سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ورتي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.