ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو شھر ڀرسان نصير واھ مان مٽي کڻندي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور 28 سالن جو صدام حسين کوسو ٽريڪٽر هيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي وارث پهچي فوتي ڊرائيور جو لاش ڳوٺ حاجي خان کوسو کڻائي ويا.