اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ مسئلن بابت ڊي جي هيلٿ پاران جوڙيل ڪاميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي. اسپتال جي ايم ايس پاران دوائن جي کوٽ جو اعتراف، سول سائٽي ۽ شهرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. خبر موجب اسلام ڪوٽ جي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن بابت ڊي جي هيلٿ ارشاد احمد ميمڻ پاران نوٽيس وٺڻ بعد جوڙيل ٽه رڪني جاچ ڪاميٽي اسلام ڪوٽ پهتي. ڪاميٽي ڊائريڪٽر هيلٿ سروس ميرپورخاص ڊاڪٽر يوسف ڪنڀار جي سربراهيءَ ۾ پهچي اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس سميت شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ مسئلن بابت شڪاتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. اسپتال ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته اسپتال جو انتظام آءِ ايچ ايس جي حوالي ٿيل آهي پر انتظاميا پاران دوائون نه پيون ڏنيون وڃن. اسان کي بجيٽ جي به خبر ناهي،آءِ ايچ ايس جي ڊي ايم صوبدار شاهاڻي ٻڌايو ته اسان کي بجيٽ گهٽ ملي ٿي،جنهن ڪري دوائن جي کوٽ آهي. هي اسپتال رورل هيلٿ سينٽر رڳو ڪاغذن ۾ آهي، باقي ڪم تعلقي اسپتال جو ڪري رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان هي اسپتال هلائي نٿا سگهون. ان موقعي تي شهرين، سول سائٽيءَ جي اڳواڻن ڪلديپ پارواڻي، عبدالغني بجير، ڀورل شاھ ۽ ٻين ٻڌايو ته آءِ ايچ ايس حوالي ٿيڻ بعد رڳو بلڊنگ جو رنگ تبديل ٿيو آهي، صحت جي حوالي سان سهولت ڪا به ناهي، اِن کان بهتر آهي ته اسپتال کي تالو هڻي ڇڏيو.