ٽنڊو غلام علي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي شهر جي ٽائون ڪاميٽي آفيس لڳ گٽر نالي مان تازي ڄاول ٻار جو لاش ھٿ آيو. شهرين ٻارڙي کي مئل حالت ۾ ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. بعد ۾ پوليس پھچي معصوم ٻار جو لاش گٽر مان ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال پهچايو. ميڍيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڀارو پرمار نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پوليس تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش شھر جي سماجي ڪارڪن گلزار علي عرف ڪرڙ مڱڻهار حوالي ڪيو، جنھن نينگر کي غسل ۽ ڪفن ڏياري محمود شاھ جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.