سرحد (ن پ ا ) ڪراچي واسڻ 19 سال جي شڪيلان سرحد واسي نوجوان منير احمد مهر سان ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ ناري شڪيلان جو چوڻ هو ته رضاخوشي منيراحمد مهر سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي، منهنجا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن، هوڏانهن ڪراچي ۽ سرحد پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري ناري شڪيلان کي سرحد ڀرسان هٿ ڪري ورتو آھي، ناري کي سرحد ٿاڻي تي رکيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ سرحد پوليس جو چوڻ هو ته ناري شڪيلان پوليس جي تحويل ۾ آھي جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.