قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ آدم شماري جي سلسلي ۾ ڊي سي قمبر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾  ايم پي اي برهان خان چانڊيو ايس ايس پي قمبر صدام حسين خاصخيلي سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ حڪمران جماعت اڳواڻن  شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊي سي قمبر سليم الله اوڍو گڏجاڻي ۾ آدمشماري جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ 123 سرڪل 1154 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن گهر شماري ۽ آدم شماري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊي سي آفيس سميت تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن ۾ ڪمپلين سيل قائم ڪيا ويا آهن هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جون ٽيمون توهان جي در تي پهچي نه سگهن ته پنهجي علائقي جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي آگاهه ڪري پنهنجي ڳڻپ کي يقيني بڻايو وڃي ان سلسلي ۾  ايم پي اي برهان خان چانڊيو گڏجاڻي ۾ چيو ته ٻوڏ سبب آدمشماري ۾ وڏا مسئلا پيش اچي سگهن ٿا ڪجهه اهڙا علائقا به آهن جتي آدمشماري جي ٽيم جو پهچڻ ڏکيو بڻيل آهي انهن جي ڳڻپ کي به يقيني بڻايو وڃي جنهن ڪري ڪمپلين سيل 24ڪلاڪ کليل هجن ته جيئن ڪو به ماڻهو يا گهر ڳڻپ کان رهجي نه سگهي.