ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ نابين سنڌ سيڪريٽريٽ  آڏو پھچي ويا،  اهي ڪبوتر چورنگي وٽ ڦوھارا چوڪ ڏانهن ويندڙ روڊ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا،  ان موقعي نابين  نوجوان نادر ۽ ٻين چيو ته حڪومت کين پنج سيڪڙو مخصوص ڪوٽا تي به نوڪريون نٿي ڏئي، اسان پڙھيل لکيل ھجڻ باوجود روزگار کان محروم آھيون،  ھنن مطالبو ڪيو ته کين نوڪريون ڏنيون وڃن،  اي سي آرام باغ مديحه  ناريجو مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون پر انھن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ،