جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت محمد اسلم بنگلاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. مقتول ڌر جي وڪيل مظفر رند عدالت سڳوري آڏو دليل ڏنا.عدالت دليل ٻڌڻ بعد قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار فرمان بنگلاڻي کي ڦاهيءَ 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ 3 لک مقتول جي وارثن کي معاوضو ڀري ڏيڻ جي سزا ٻڌائي.ساڳئي جوابدار کي غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.جڏهن ته عدالت ٻن ڀائرن قاسم بنگلاڻي، هاشم بنگلاڻي سميت عبدالرسول بنگلاڻي کي عمر قيد ۽ 3/3 لک مقتول جي وارثن کي معاوضو ڀري ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي آهي. ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ چار ئي جوابدار وڌيڪ 6/6 مهينا قيد جي سزا ڪاٽيندا. ياد رهي ته 6 اپريل 2019 تي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان اسلم بنگلاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو