وڳڻ (ن پ ا) قمبرشهدادڪوٽ جي وڏي آبادي وارو ڳوٺ ٿرڙي هاشم تازو پيل برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو، بي گهر ٿيل 500 کان وڌيڪ متاثر عورتن ۽ ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور، تفصيل موجب قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي نصيرآباد ۾ قائم قديمي ڳوٺ ٿرڙي هاشم کي برسات ۽ ٻوڏ تباھي ۽ بربادي جي تصوير بڻائي ڇڏيو آهي، 70 کان وڌيڪ متاثر خاندان واهر نه ٿيڻ سبب کليل آسمان هيٺ بک ۽ بدحالي جي ڌٻڻ ۾ ڏکيو وقت گذارڻ تي مجبور آهن،جڏهن ته برساتي پاڻي بيٺل هئڻ  ڪري بيماريون پکڙجڻ لڳيون ۽ سوين ماڻهو مختلف مرضن ۾ وٺجي ويا آهن. ان سلسلي ۾  ڳوٺ جي چونڊيل ڪائونسلر سرتاج احمد تنيو، استاد مشتاق سولنگي،سوشل ورڪر برهان تنيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٿرڙي هاشم تعلقي نصيرآباد جو وڏي آباديءَ تي ٻڌل ڳوٺ آهي، جيڪو برسات، انتظامي نااهلي ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن لاٽار سبب تباهه ٿي ويو ۽ هاڻي متاثر اڻ ڳڻين مسئلن جي ور چڙهي ويا آهن. هنن ٻڌايو ته برساتن سبب صحافي ڪامران تنيو ۽  زبير احمد تنيو کانسواءِ معشوق علي تنيو، علي گوهر عرف بادشاهه تنيو، نثار احمد تنيو، لعل محمد سومرو، رمضان سومرو، شيخ، جتوئي ۽ خاصخيلي برادري جي ماڻهن جا پڻ گهر ڊهي پيا آهن. بي گهر ٿيل متاثر هڪ مهيني کان ٻارن ۽ عورتن سميت کليل آسمان هيٺ بيوس بڻيل آهن پر ڪوبه چونڊيل نمائندو يا سرڪاري ادارو سندن مدد لاءِ نه آيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن فلاحي، سماجي اداري ڪا امداد اماڻي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نصيرآباد تعلقي جي ڳوٺ ٿرڙي ي هاشم جي برسات متاثرن کي خيمن، مهارن ۽ راشن جي ضرورت آهي، چونڊيل نمائندا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري سماجي تنظيمون متاثرن جي مدد کي يقيني بڻائين، ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.