ٺري ميرواھ (رپورٽ: عابدحسين شر) ٺري ميرواھ ويجهو برسات متاثر فاقاڪشيءَ تي مجبور، جڊيشل مئجسٽريٽ رليف ڪاميٽي انچارج جي دوري دوران هڪ ويلو ماني نه ملڻ جون دانهون، جج جي روانگي بعد ٽينٽ سٽي انچارج 6 برسات متاثر خاندانن کي تنبوءَ مان ڪڍي ڇڏيو. تفصيل موجب ٺري ميرواھ جي ڳوٺ علي داد جوڳيءَ ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل برسات متاثرن کي هڪ ويلو ماني نه ملڻ بابت دانھڻ تي ٽينٽ سٽي انچارج تپيدار آغا شر تنبو خالي ڪرائي متاثرن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل  برسات متاثرن ڪريمان  خاتون لاشاري، صغيران، رياض حسين، پروين، محمد عيسيٰ، آدم جوڳي ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته برساتن سبب گهر ڊھي پٽ ٿي ويا. ڳوٺ ڇڏي ٽينٽ سٽي ۾ ويٺل هئاسين پر ڪيترن ئي ڏينهن کان صرف منجهند جي چانھه ۽ شام جو هڪ ويلو ماني ڏني ويندي هئي. گذريل رات جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ رليف ڪاميٽي انچارج اميش آڏو سهولتن نه ملڻ جي شڪايت بعد ٽينٽ سٽي انچارج رات وچ ۾ تنبوءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اسان رات جاڳي گذاري آھي. ٽينٽ سٽي مان نڪرڻ بعد گذريل 18 ڪلاڪن کان دربدر آھيون. هنن ڪمشنر سکر ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطور ڪرڻ تي ٽينٽ سٽي جي انچارج تپيدار آغا شر  جو چوڻ هو ته برسات متاثرن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ صرف هڪ ويلو کاڌو ڏيڻ وارن الزامن ۾ ڪا صداقت ناهي، شڪايتون ڪندڙ عورتون ٽينٽ سٽيءَ ۾ ترسيل آهن.