ڳڙھي ياسين (ن پ ا ) ڳڙھي ياسين رورل ھيلٿ سينٽر جي ايم ايس ڊاڪٽر تصور ميمڻ تي ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ھزارو مھر حملو ڪيو،ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف جا ملازم ۽ اسپتال عملو واقعي واري ھنڌ پھتو، ايم ايس ڊاڪٽر تصور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وفد اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملاقات ڪري واقعي کان آگاھ ڪيو، جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي ايم ايس مٿان ٿيل حملي بابت معلومات ڏني ۽  ايس ايچ او ڳڙھي ياسين کي  ايم ايس مٿان حملو ڪندڙ جوابدار خلاف  ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون،  ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڊاڪٽر تصور ميمڻ مٿان حملو ڪندڙ جوابدار ڪيترو به با اثر ڇو نه ھجي ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ايم ايس ٻڌايو ته اسپتال کان چاليھي جي حوالي سان نڪرندڙ ماتمي جلوس ۾ ڊيوٽي لاءِ وڃي رھيو ھيس ته ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ھزارو مھر تشدد ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ رھندو ۽ شھر اندر پرائيويٽ ڪلينڪ ھلائيندڙ ڊاڪٽر پنھنجون سموريون ڪلينڪ بند رکندا.