قمبر ( رپورٽر) سيشن جج قمبر زاهد حسين ميتلو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ڏانهن ليٽر موڪلي 16نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي.ان سلسلي سيشن جج طرفان جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته قمبر ضلعي جي قيام کي 17 سال ٿي ويا آھن، تنهن باوجود قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي صحت کاتي طرفان  تعلقي جي ايس اين اي بجيٽ ڏني پئي وڃي، جڏھن ته ضلعي ۾ ٻوڏ سبب وڏي انگ ۾ ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن پر هتي دوائن سميت سهولتن جي کوٽ آھي. هن وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته ان سلسلي ۾ اسپتال جي ايم ايس کان دوائن جي کوٽ جي وضاحت گهري ته هن چيو ته 2021 ۾ اسان کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال هينڊ اوور ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ايس اين اي ۽ بجيٽ تعلقي اسپتال جي ڏني پئي وڃي، جنهن لاء صحت کاتي جي سيڪريٽري کي به لکيو آھي. ان سلسلي ۾ سيشن جج ضلعي جي حساب سان  ايس اين اي ۽ بجيٽ نه ملڻ تي ليٽر لکي وضاحت لاء سيڪريٽري صحت سنڌ کي روبرو عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ حڪم ڪيو آھي.