ڪنري (ن پ ا) نينگري  چندا مھاراج اغوا واقعي خلاف ڪنري ۾ ھندوز آرگنائيزيشن آف سنڌ جي سڏ تي ھندو برادري جي ماڻهن ريلي ڪڍي  نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ان موقعي تي نارائڻ داس ڀيل، آرگنائيزر چيلارام ڀيل، هري لعل ميگھواڙ، روي شنڪر ڀيل، يوسف جوڳي، کيمچند ميگھواڙ، ايسرداس مهاراج، هريش ڪمار مھاراج ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  ڪجھه وقت اڳ  حيدرآباد مان 16 سالن جي سنڌي نياڻي چندا مھاراج کي جوابدار  اغوا ڪري ويا، احتجاجن بعد نياڻي واپس ڪرائي وئي، هنن چيو ته  نياڻي نابالغ آھي ۽ ميڊيڪل رپورٽ ۾ 16 سال نابالغ ڪيلئر ٿيل آھي، اُن باوجود نياڻي کي وارثن حوالي نه ٿو ڪيو  وڃي، سندس جبري طور مذهب مٽائي زبردستي شادي ڪرائي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻي کي وارثن حوالي ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.