دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي مزدورآباد پاڙي ۾ نا فرمان پٽ اشفاق سولنگي ڇرين جا وار ڪري پنهنجي پيرسن پيء شاهنواز سولنگي کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، زخمي کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آڻڻ کانپوء ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال نيو ويو آهي، زخمي جي وارثن ٻڌايو ته شاهنواز سولنگي گهر ۾ پٽ اشفاق کي سمجهائي رهيو ته پٽ ڪاوڙ ۾ اچي پيء تي لتن مڪن سان مارڪٽ ڪرڻ کانپوء پيء کي پيٽ ۾ ڇريون هڻي زخمي ڪيو آهي ، زخمي پيرسن جي پٽ فرحان ٻڌايو ته گهرو ڳالهين تان دڙڪا ڏيڻ تي اشفاق بابا کي ڇريون هڻي زخمي ڪيو آهي.