جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد باءِ پاس تي رينجرز اهلڪارن ٻن ٽرڪن تي بلوچستان کان غيرقانوني طور سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ 61 افغانين کي گرفتار ڪري صدر پوليس حوالي ڪيو،گرفتار ٿيلن ۾ محمد زمان، نور محمد، عبدالمجيد، عبدالباري، سفر محمد، عبدالولي، محمد ولي، عبدالرزاق، نصيب الله، خان ولي، اختر محمد، عبدالله مير، عبدالواحد، عبدالنبي سميت 16 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن، جڏهن ته گرفتار ٿيل افغانين کي صدر ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ گرفتار افغاني عبدالولي جو چوڻ هو ته ڪچلاڪ کان قاضي احمد سرن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا سين ته باءِ پاس تي رينجرز اهلڪارن گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ صدر پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل 61 افغانين خلاف 14 فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته عدالت جي حڪم بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندو ويندو واضح رهي ته سياري جي موسم اچڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ افغانين جو بلوچستان کان سنڌ طرف داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.