ڪراچي(اسپورٽس نيوز) صهيب مقصود کي ٻيهر انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. صهيب مقصود کي حيدر علي جاءِ تي قومي اسڪواڊ ۾ جاءِ ملي وئي آهي، جنهن کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عميد آصف سان گڏ پي ايس ايل ۾ بائيو سيڪيور پروٽوڪلز جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو آهي، معطلي جي ڪري حيدر علي اسڪواڊ سان گڏ روانو نه ٿي سگهندو. چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪپتان بابر اعظم، هيڊ ڪوچ مصباح الحق گڏيل مشاورت بعد صهيب مقصود کي حيدر علي متبادل جي حيثيت سان اسڪواڊ ۾ شامل ٿيو.