اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپارھ اڄ کان ٻيھر ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي مھم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ڪندي ڪوھ پيما ساجد سدپارھ اڄ کان ڪي ٽو روانھ ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو تھ ڪي ٽو وڃي ڪري مرحوم والد ۽ ھن جي ساٿي تي ڊاڪيوميٽري ٺاھڻ چاھيان ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي سفر ۾ غير ملڪي جبل چاڙهو گڏ ھوندا، انھيءَ مھم ۾ 40 کان 45 ڏينھن لکي سگھن ٿا. ساجد سدپارھ وڌيڪ چيو تھ گلگت بلتستان حڪومت کان ڪي ٽو جبل سر ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي پر انھيءَ طرفان ڪوبھ جواب ناھي آيو. ھن جو چوڻ ھو تھ ڪوھ پيمائي ھڪ ايڊوينچر آھي جنھن جو شوق مرحول والد کي ڏسي ٿيو. خيال رھي تھ پاڪستان جي ھيور محمد علي سدپارھ کي دنيا جي 14 وڏي چوٽين مان 9 کي سر ڪرڻ جو اعزاز حاصل ھو.