نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) قسمت مهربان هجي ته انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن مالا مال ڪري ئي ڇڏيندي آهي، اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارتي شهري سان به پيش آيو آهي جيڪو ڪجهه لمحن ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪيرالا واسي مسلمان 50 رپين واري هڪ لاٽري خريد ڪئي جنهن سان هن جي قسمت ئي تبديل ٿي وئي ۽ اهو ڪروڙ رپين جو مالڪ بڻجي ويو. ڪيرالا واسي محمد الياس هڪ رئيل اسٽيٽ بروڪر طور ڪم ڪندو آهي. قرض جي ادائگيءَ لاءِ اهو پنهنجو گهر وڪڻڻ وارو ئي هو ته قدرت هن تي مهربان ٿي وئي. محمد الياس عرف باوا پنهنجو گهر وڪڻڻ لاءِ هڪ خريدار کان ايڊوانس ٽوڪن وٺڻ وارو هو، ان کان اڳ هن ڪيرالا اسٽيٽ لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪئي، جنهن جو پهريون انعام هڪ ڪروڙ رپيا هو. الياس باوا قرعه اندازي کان تقريبن اڌ ڪلاڪ اڳ اها ٽڪيٽ خريد ڪئي، تقريبن هڪ ڪلاڪ اندر اندر هن کي لاٽري وڪڻندڙ شخص جو فون آيو جنهن ٻڌايو ته هن لاٽري ۾ پهريون انعام کٽي ورتو آهي. خبر ٻڌي هن کي پنهنجي ڪنن تي يقين نه آيو، ڇو ته هن جي پريشاني هڪ دم ختم ٿي وئي جنهن سبب اهو بينڪ جي قرض جي ادائگيءَ لاءِ پنهنجو گهر وڪڻڻ وارو هو.