ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارا سجل علي جي پهرين انٽرنيشنل فلم ”واٽس لو گاٽ ٽو ڊو ود اٽ“ کي هلندڙ سال ٽورانٽو فلم فيسٽيول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلم جي پروڊڪشن ڪمپني اداڪارا سجل علي جي پهرين جهلڪ شيئر ڪئي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فلم جو ورلڊ پريميئر ٽورنٽو فلم فيسٽيول ۾ ٿيندو. سجل علي به فلم جي پهرين جهلڪ شيئر ڪئي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فلم ٽورنٽو فيسٽيول ۾ نمائش کانپوءِ عالمي سطح تي رليز ڪئي ويندي. پروڊڪشن ڪمپني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته فلم جنوري 2023 ۾ برطانيه ۽ پاڪستان ۾ رليز ڪئي ويندي.