هراري (انٽرسٽنگ نيوز) زمبابوي وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سون جو سڪو ڪرنسي طور متعارف ڪرايو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب زمبابوي جي سينٽرل بئنڪ اڱاري ڏينهن سون جو سڪو مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو آهي. زمبابوي ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 190 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي جنهن سبب مرڪزي بئنڪ هلندڙ مهيني وياج جي شرح ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. زمبابوي جي سينٽرل بئنڪ جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته اهو سڪو بازارن ۽ دڪانن تي دستياب ڪيو ويندو، ان سڪي کي موسي-او-تونيا سڏيو ويندو، يعني دونھون جيڪو گجگوڙ ڪري، ان تي زمبابوي ۽ زامبيا جي سرحد تي وڪٽوريا فالس جي حوالي سان نشان لڳل هوندو.