قبوسعيدخان (رپورٽ: اصغر علي  کوسو) قبوسعيد خان ۾ ٽينس سپر سڪسر ٽورناميٽ جعفري هيروز کٽي ورتي. ان ڏس ۾ مير حامد بروهي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ال نديم ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو. جعفري هيروز 5 اوورن ۾ مظهر شيخ جي زبردست ناٽ آئوٽ 70رنز جي اننگز عيوض 93 رنز جو هدف ڏنو. مظهر شيخ جي 70 رنز جي اننگز ۾ 8 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا. جواب ۾ ال نديم ٽيم 83 رنز ٺاهي سگهي، مظهر کرل به 74 رنز جي اننگز کيڏي پر ٽيم کي ڪامياب نه ڪرائي سگهيو.جعفري هيروز طرفان  مقبول کوسو ٻن اوورن ۾ 30 رنز ڏئي 3وڪيٽون ورتيون. مظهر شيخ کي مين آف دي ميچ، ذوالفقار جمالي کي بيسٽ بالر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته لڪي ظفر مگسي کي ونر ٽرافي ڏني وئي.