سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 1152 نوان ڪيس ظاهر

0
241
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت
سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، 1152 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورونا صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 17361 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن ۾ وڌيڪ 1152 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. اهڙي ريت وبا سبب فوتين جو انگ وڌي 6812 ٿي ويو آهي.

ڪورونا مان اڄ  928 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحتمند ماڻهن جو ڪل تعداد 372727 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت 49729 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 892 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ 78 مريض وينٽيليٽر تي آھن.