ڍاڪا(اسوپرٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش ۾ آئسوليشن مڪمل ڪري ورتي، رانديگرن پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي. 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم بنگلاديش ۾ موجود آهي، ڍاڪا ۾ ڪيوي ٽيم 3 ڏينهن آئسوليشن مڪمل ٿيڻ بعد رانديگرن گڏ وقت گذاريو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ڪالهه پريڪٽس به ڪئي. ٻئي پاسي ڪورنا ٽيسٽ مثبت اچڻ سبب اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيل فن ايلن جي جاءِ تي ميٽ هنري کي طلب ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پهرين سيپٽمبر کان ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏنديون.