قاضي احمد ۾ رولو ڪتن 13عورتن سميت 55ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

0
253

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار نه گھٽيو مقامي اسپتال جي انتظاميا پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هڪ مهيني دوران رولو ڪتن چڪ هڻي 55 ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو جن ۾ 13 عورتون شامل آھن، انتظاميا موجب، ڪتي جي چڪ کان بچاءُ کان سمورن زخمين کي وئڪيسن ڪئي وئي آھي، رولو ڪتن جي چڪ هڻي ڏاڙھڻ سبب فيض علي چانڊيو، حاڪيما، ساجد علي، ذوالفقار علي، غلام نبي، زينت، شبانا، زاهده، شعبان، راڻو، طيف احمد، مولا بخش، شاھ خاتون، وزيران خاتون، مسمات ڪريما، رخسانا، پيري، صديق، اقرار سجاد، مختيار سميت ٻيا آھن.