قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجھو ڪچي جي ٿاڻي کاهه جي پوليس اهلڪارن پاران  چوري جي مبينا الزام ھيٺ گرفتار ڪري گم ڪيل چئن ڄڻن وقار جتوئي، زاهد جتوئي،  جابر جتوئي ۽ علي نواز عمراڻي کي پوليس جي هڪ نجي جيل مان ھٿڪڙين سميت بازياب ڪرائيندڙن خلاف کاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير زرداري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ نامزد ڪيل 13 ڄڻن ۾ حاجي راحب جتوئي، واحد بخش جتوئي، محرم جتوئي، حاجي مھراب جتوئي، ولي محمد جتوئي، صابر، وقار، زاهد، جابر، مٺل، عاقب، نادر، علي نواز ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل جوابدارن پوليس اهلڪارن مٿان حملو ڪري علي بخش چانڊيو کان سرڪاري ايس ايم جي، ميگزين، 30 گوليون، هٿڪڙي، زنجير ۽ چاٻي کسي گرفتار ڪيل 4 جوابدارن کي زبردستي ڇڏائي کڻي ويا، هوڏانهن 2 ڏينهن اڳ مبينا نجي ٽارچر سيل مان بازياب ڪرايل چئن ڄڻن کي قاضي احمد پوليس نواب شاھ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد چئني ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.