بدين (رپورٽر) درگاهه لواري شريف ۾ پير  صادق قريشي نقشبندي جي سالگره ملهائڻ تان ٻن گروپن هڪ ڀيرو وري تڪرار ڀڙڪي پيو . جهيڙي ۾ ٻنهي گروپن جا 21 ڄڻن کان مٿي زخمي ٿي پيا، درگاھ لواري شريف ۾ پير محمد صادق قريشي نقشبندي جي سالگره جي ملهائڻ واري معاملي تان درگاھ سان لاڳاپيل اي ۽ بي گروپ جي ماڻهن تڪرار تيز ٿيو، جنهن دوران لٺيون ۽ پٿر لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 21 ماڻهو زخمي ٿي پيا جنھن ۾ ٻنھي گروپن جا جاويد جوڻيجو فواد رحيم گاڏهي امتياز گاڏهي سعيد گاڏهي بهرام گاڏهي بهرام گاڏهي ڪريم بخش گاڏهي مولا بخش غلام فياض گوپانگ عبدالرحيم گوپانگ عرفان داناڻي دائود جوڻيجو محمد بخش جوڻيجو افضل جوڻيجو ڪامران گوپانگ عبدالنبي گوپانگ ڪريم بخش لاکو غلام صديق جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن جن کي علاج لاءِ انڊس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سمورن زخمين جي حالت درست خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته جهيڙي جي اطلاع تي بدين مان وڏي تعداد پوليس اٽالن لواري شريف پهچي امن امان جي صورتحال سنڀالي ورتي آهي پوليس موجب وڌيڪ جهيڙي جي ڪنهن امڪان سبب وڏي تعداد ۾ پوليس نفري کي لواري شريف ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان کان اڳ ايوان صحافت ھال بدين ۾ پڻ سالگره  ملھائي ويئي ،سالگرہ جو ڪيڪ ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گھمڻ ۽ وڏي تعداد ۾صحافين ،نشات تنظيم جماعت لواري شريف ، نشات ميڊيا سيل ۽ جماعت لواري شريف جي فردن فتح الله جوڻيجو، عقيل احمد ،فضل الله ،قمرالدين ،فدا حسين ،فضل ڪريم جوڻيجو ،مير پيار علي ٽالپر ،پير بخش ارباب ،عبدالستار ابڙو ۽ ٻين گڏجي ڪاٽيو .