ڪراچي: اکين ڏٺن شاهدن موجب زڪوات جا پئسا وٺڻ لاءِ  ماڻهن جو وڏو انگ فيڪٽري ۾ داخل ٿيڻ تي فيڪٽري انتظاميا انهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هٿ سان پاڻي کوليو، ڀاڄ پوڻ دوران پاڻي هجڻ ڪري ماڻهو سلپ ٿي ڪري پيا، جنهن ڪري لتاڙجي پيا، ڪجهه وري فيڪٽري سامهون نالي ۾ ڪري پيا، ريسڪيو ٽيمن نالي مان 2 عورتن جا لاش ڪڍيا