ڪراچي: ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب فيڪٽري جي ننڍي پلاٽ ۾ 500 مستحقن کي گهرايو ويو هو، اڪثر عورتون  ۽ ٻار ڀاڄ پوڻ ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا، اسان فيڪٽري جي مينيجر  سوڌو 7 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن، انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ايس پي سائيٽ مغيص احمد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.