ڪراچي: سائيٽ ايريا نورس چورنگي وٽ واقع نجي فيڪٽري  جي مالڪ عبدالخالق ۽ 8 ملازمن تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ قتل باالسبب ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا. ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪ کانسوءِ اسلام، جسيم، علي محمد يوسف، خورشيد احمد، ساجد علي، غفران، اظهر، علي احمد ۽ حسين زاده کي نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته هر سال وانگر هن سال به فيڪٽري انتظاميا زڪوات ورهائي رهي هئي، زڪوات جي رقم وٺڻ لاءِ ڪيترائي ٻار ۽ عورتون فيڪٽري وٽ موجود هيون، فيڪٽري انتظاميا سرڪار کان اين او سي نه ورتي ۽ نه ئي پوليس توڙي ضلعي انتظاميه کي آگاهه ڪيو، جيئن ئي چوڪيدار حسين زادا مين گيٽ سان گڏ ننڍو دروازو کوليو ته ماڻهن اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب ڀاڄ پئجي وئي ۽ جاني نقصان ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار ابڙو ڪمشنر ڪراچي کي رپورٽ اماڻي ڇڏي