ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي جي نجي فيڪٽري ۾ زڪوات جي رقم جي ورڇ دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، 3 ٻارن ۽ عورتن سميت 12ڄڻا لتاڙجي فوت ٿي ويا، 9 زخمي، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، ان ڏس ۾ سائيٽ ايريا ۾ نورس چورنگي وٽ نجي فيڪٽري ۾ ڏکدائڪ واقعو پيش آيو. پوليس موجب نجي فيڪٽري  جي انتظاميا هر سال مستحقن ۾ 2000 رپيا في مستحق زڪوات جي روڪ رقم ورهائيندي آهي، صبح کان ئي ٻارن ۽ عورتن سميت 500 کان وڌيڪ  مستحق ماڻهو فيڪٽري جي دروازي وٽ بيٺل هئا، جڏهن ته فيڪٽري جا دروازا بند هئا. پوليس موجب انتظاميا فيڪٽري جو ننڍو گيٽ کوليو ته ٻارن ۽ عورتن فيڪٽري اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڊوڙ پاتي، انهي دوران پاڻي جي پائيپ لائين به ٽٽي پئي، جيئن ڀاڄ پئي ته ماڻهو پاڻي هجڻ سبب سلپ ٿي هيٺ ڪري پيا ۽ لتاڙجندا رهيا، ڪجهه مستحق عورتون ۽ ٻار فيڪٽري سامهون واقع گندي نالي ۾ به ڪري پيا، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، ٻارن ۽ عورتن سميت 12ڄڻن جا لاش عباسي شهيد ۽ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، ڀاڄ دوران  عورتن ۽ ٻارن سميت  9 ڄڻا زخمي ٿيا، فوتين ۾ 40 ورهين جي خورشيدان، 10 ورهين جي ام هاني، 15 سالن جو سيد وسيم، 50 ورهين جي شهزادي، 65 ورهين جي عابده خاتون، 65 ورهين جو دال احمد، 40 ورهين جي نسيم بيگم، 8 ورهين جو محمد سعد ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين ۾ 19 ورهين جي ديا ڀارتي، 5 ورهين جي شيرين، 35 ورهين جي نظيران، زاهده، فاطمه، ماهنور، زهره ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف ڊي آءِ جي سائوٿ عرفان بلوچ موجب فيڪٽري انتظاميا زڪوات جي رقم ورهائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ ڪافي غريب ماڻهو گڏ ٿي ويا، اوچتو ڀاڄ پوڻ سبب 12 ڄڻا لتاڙجي فوت ٿيا، اسان ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري فيڪٽري جي مينيجر سوڌو 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. هن چيو ته فيڪٽري انتظاميا زڪوات ورهائڻ بابت پوليس کي اڳواٽ آگاهه نه ڪيو ۽ نه ئي وري پاڻ انتظام ڪيا، فيڪٽري انتظاميا جي غفلت ظاهر ٿئي ٿي، هن چيو ته پوليس کي زخمين کي کڻندڙ ريسڪيو ٽيمن واقعي بابت اطلاع ڪيو،ھوڏانھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي ڪمشنر ڪراچي ۽ صنعتن واري کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير چيو ته راشن جي ورڇ ۽ فلاحي ڪمن لاءِ لاڳاپيل انتظاميا کي باقاعده آگاهه ڪيو وڃي،12 ڄڻن جي فوتگي  واري رپورٽ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، اهو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو ته فوتين ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. وڏي وزير زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.