فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ خير محمد لاشاري ۾ جوابدارن مبينا طور گهر تي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي ٻن سڳن ڀائرن نظير لاشاري ۽ وزير لاشاري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، ٻنهي ڀائرن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، نظير لاشاري ۽ وزير احمد لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته خالد لاشاري، حميد لاشاري، خادم خاصخيلي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن سان زمين ۽گهٽي جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي.