مدئجي (ن پ ا) مدئجي ٿاڻي جي حد وارهه ڪئنال لنڪ روڊ جي ايم پوليس پڪٽ ڀرسان هٿياربندن موٽر سائيڪل سوار نوجوان زاهد سڌايو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ بعد ڦر جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي، جنهن بعد هٿياربند نوجوان تي تشدد ڪري موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻي طرف اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي.