سکر (بيورو رپورٽ) عمران خان جي سکر آمد جي موقعي تي مھانگائي خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون، عورتن جي ھٿن ۾ سبزيون، مھانگائي ۽ بيروزگاري جا بينر ھئا، عورتن وفاقي حڪومت جي ناقص پالسين ۽ مھانگائي خلاف شديد نعريبازي پڻ ڪئي. اِن موقعي تي عزرا جمال، غزالا انجم، فائزا ڪنول، رضا عباسي، سائقا قائمخاني ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته نااھل وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي، نتيجي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ عوام تمام گھڻين مالي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي، روزانو جي اجرت تي ڪم ڪندڙ پورھيت طبقي لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ ڏکيو ٿي ويو آھي. پر ھن وفاقي حڪومت کي اِن جو ڪو به احساس ناھي. ٻئي طرف ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب عورتن جي ٿيل مظاھري ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي به گھرايو ويو ھو،جن جي نگراني ميونسپل عملو پڻ ڪندو رھيو، جڏھن ته ھڪ سياسي ھائوس جو مقرر ڪيل فوٽوگرافر احتجاج جي ڪوريج جي لاءِ پھتل ھيو.