فيض گنج ڀرسان عورت پٽ سميت مبينا طور اغوا

0
199

فيض گنج (ن پ ا)  فيض گنج ڀرسان مبينا طور تي شادي شده عورت پٽ سميت هٿيارن بندن هٿان اغوا  ٿي وئي آهي

اغوا ٿيل عورت زرينا جي مڙس عبدالله ڪلهوڙو فيض گنج ٿاڻي تي پهچي چار جوابدارن لطيف راڄپر، بادل، حفيظ الله راڄپر ۽ هڪ اڻ سڃاتل مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي

اين سي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄا ڻايل جوابدارن هٿيارن سان گهر ۾ داخل ٿي زرينا ۽معصوم پٽ نديم کي اغوا ڪري ويا آهن

فيض گنج پوليس جو چوڻ آهي ته اين سي داخل بعد مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، جوابدارن جنهن ڪار ۾ عورت ۽ سندس پٽ کي اغوا ڪيو اها ڪار هٿ آئي آهي، جلد عورت ۽ سندس پٽ کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو